ڀيڻي مهراجپور 1

ڀيڻي مهراجپور-1 (Bhaini MahrajPur-I): مهراجپور ڳوٺ ضلعي روهتڪ جي تعلقي ميهام ۾، ميهام کان 5 ڪلوميٽر اولهه ۾ آهي. ڀيڻي مهراجپور ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر ۾ ''45'1476 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ ''45'0629 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي، اتي لڳل شگر مل کان 700 ميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي. ماڳ هڪ واريءَ جي دڙي تي آهي، جيڪو سڄي جو سڄو زرعي زمين هيٺ اچي ويو آهي. خود دڙي جو اتريون حصو کوٽي، دڙا لاهي اتي پوکي ڪئي وئي آهي. ماڳ ٻن هيڪٽرن جي پکيڙ رکي ٿو. هتان ملندڙ ٺڪر بيدوا-2 جي ٺڪر جهڙو مليو آهي، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته پوئين اوج واري دور ۾ سنڌو تهذيب جو هي ماڳ وسندڙ هو. ڪجهه ٺڪر تاريخي دور جو به ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو